انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي اشاعت

سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‏“ جو پهريون جلد الف ب ٻ اکرن جي اٽڪل3500 داخلائن تي مشتمل ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن جلد ۾ %80 سنڌ سان لاڳاپيل مواد آهي، جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي،اديب،شاعر،عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون ، هنر، ڳوٺ، ديهون ، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب ، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ %20 دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي مواد، ايجادون وغيره شامل آهي.650 صفحن تي

 

مشتمل هي اهم دستاويز 100 گرام آرٽ پيپر تي چئن رنگن ۾ ڇپايو ويوآهي، ۽ ان جي قيمت صرف =/750 روپيا رکي وئي آهي.سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءَ پهرين رنگين تصويرن سان آرٽ پيپر تي ڇپيل انسائيڪلوپيڊيا آهي. ڪتاب جون 2000 ڪاپيون ڇپايون ويون آهن مختلف ادارن ۽ علم دوست ماڻهن کي جلد آرڊر بڪ ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي

----------------------------------------------------------------------------------------------------------