سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي،
سنڌي ٻوليءَ جي ترقي، فروغ ۽ سکيا لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون منظور ڪري،
سنڌ حڪومت جي مالي مدد ۽ ٻين ادارن جي تعاون سان، مرحليوار عمل جي شروعات
ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ اداري جي اشاعتي شعبي وٽ، سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف موضوعن
جي لغتن، عام معلومات، تحقيق، خط و ڪتابت ۽ ٻين عام ماڻھن جي دلچسپيءَ
وارن 30 ڪتابن تي ڪم جاري آھي. ان کان علاوه انگريزي وسيلي، سنڌيءَ جي
سکيا لاءِ ھڪ عدد سي ڊي تيار ڪرڻ جي رٿا تي پڻ ڪم ٿي رھيو آھي. سنڌو تھذيب
۽ انڊس اسڪرپٽ تي ٽه روزه بين الاقوامي سيمينار۽ سنڌو لکت ميوزيم جي رٿائن
کان علاوه قليچ ڪتاب گھر جي قيام کي پڻ عمل ۾ آندو ويو آھي
سنڌي لئنگوئيج اٿارٽيءَ جي آمدنيءَ
جو وڏو ذريعو سنڌ حڪومت جي سالياني گرانٽ آھي. ان کان علاوه قائم ڪيل
انڊومينٽ فنڊ تي ملندڙ منافعو، عطي امداد، تحفا، ڪتابن جي وڪري ۽ ٻين
ذريعن مان حاصل ٿيندڙ آمدني. جنھن ۾ قليچ ڪتاب گھر، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
ھال تجارتي بنيادن تي ڪتابن جي ڇپائي، ۽ ڪتابي ميلا وغيره شامل آھن
قليچ
ڪتاب گھر
اٿارٽيءَ پاران ڇپايل ڪتابن جو وڪرو، اٿارٽيءَ جي آمدنيءَ جو ھڪ ذريعو
آھي. قليچ ڪتاب گھر جي مارڪيٽنگ شعبو نگراني ڪري ڪرو رھيو آھي. هن ڪتاب
گهر کي تجارتي بنيادن تي هلائڻ لاءِ ٻين 15 اشاعتي ادارن جا ڪتاب به
رکيا ويا آهن جيڪي ڪميشن جي بنياد تي وڪيا وڃن ٿا