![]() ![]() ![]() ![]() |
||||||||||||||||
سنڌي ٻوليءَ جا لهجا ۽ محاورا: سيمينار سنڌي ٻوليءَ جا لهجا ۽ محاورا جي عنوان سان هڪ سيمينار، 21 جون، 2008ع تي اٿارٽيءَ جي ڊاڪٽر بلوچ آڊيٽوريم ۾” منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي، جڏهن ته ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو، برک دانشور جناب محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌيونيورسٽي جو وائيس چانسلر جناب مظهر الحق صديقي خاص مهمانن طور شريڪ ٿيا |
||||||||||||||||
ڊاڪٽر فهميده حسين،
محترمه سسئي پليجو |
||||||||||||||||
سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا ۽ انهن جو حل: مذاڪرو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ”سنڌي صورتخطيءَ جا مسئلا ۽ انهن جو حل“ جي عنوان سان 4 نومبر، 2008ع تي اداري جي ڊاڪٽر بلوچ آڊيٽوريم ۾ هڪ مذاڪرو ڪرايو، جنهن جي صدارت جناب محمد ابراهيم جويي صاحب ڪئي جڏهن ته .ڊاڪٽر غلام علي الانا .خاص مهمان طور شرڪت ڪئي |
ڊاڪٽر فهميده حسين ، ڊاڪٽر غلام علي
الانا |
|||||||||||||||
هند ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي صورتحال: مذاڪرو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ هند مان آيل سنڌي اديبن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻي، جناب هيري ٺڪر ۽ ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ جي مان ۾ 11 نومبر، 2008ع تي آجياڻو ڏنو. آجياڻي واري تقريب ۽ ”هند ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي صورتحال جي عنوان تي هڪ مذاڪرو به ڪرايو ويو |
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي، جناب هيرو ٺڪر |
|||||||||||||||
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي اهميت: سيمينار ٻارڙن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان 20 نومبر، 2008ع تي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾، اٿارٽيءَ پاران ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارن جي ادب جي اهميت“ جي عنوان هيٺ هڪ سيمينار ٿي گذريو. سيمينار جي صدارت جناب محمد ابراهيم جويي ڪئي. خاص مهمان، ڊاڪٽر ادل سومرو جڏهن ته اعزازي مهمان،جناب اياز گل، جناب اياز پاٽولي ۽ هند مان آيل اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ۽ جناب هيرو ٺڪر هئا. |
جناب هيرو ٺڪر، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي،
جناب اياز گل |
|||||||||||||||
سنڌي درسي ڪتابن جي ٻولي: سيمينار سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 27 جنوري، 2009ع تي اداري جي ڊاڪٽر بلوچ هال ۾ ”سنڌي درسي ڪتابن جي ٻوليءَ“جي عنوان سان سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ڪئي، خاص مهمان ڊاڪٽر غلام علي الانا هو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمئن عبدالسلام خواجا ۽ امداد حسيني صاحب اعزازي مهمان هئا |
جناب امداد حسيني، پروفيسر عبدالسلام
خواجه |
|||||||||||||||
محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي اٺاويهين ورسي سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ناول نگار، صحافي ۽ پبلشر محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي اٺاويهين ورسي 7 فيبروري، 2009ع تي اداري جي ڊاڪٽر بلوچ آڊيٽوريم ۾ ملهائي وئي، جنهن جي صدارت سنڌي ٻوليءَ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪئي |
جناب محمد علي ڏيپلائي، ڊاڪٽر عبدالجبار
جوڻيجو |
|||||||||||||||
جديد دؤر ۾ مادري ٻوليءَ جي اهميت: سيمينار مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان 21 فيبروري 2009ع تي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان ”جديد دؤر ۾ مادري ٻوليءَ جي اهميت“ جي عنوان سان اداري جي هال ۾ هڪ سيمينار ڪيو ويو. سيمينار جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جناب مظهر الحق صديقي ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان ثقافت ۽ سياحت کاتي جي صوبائي وزير محترمه .سسئي پليجو .هئي ۽ نامور اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي الانا ۽ ڊاڪٽر امجد سراج اعزازي مهمان هئا
|
||||||||||||||||
ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ، ڊاڪٽر فهميده
حسين |
||||||||||||||||
پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٻولي: سيمينار سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران ”پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٻوليءَ“ جي عنوان سان هڪ سيمينار، تاريخ 07 مارچ، 2009 تي سر شاهنواز ڀٽو لائبرريءَ لاڙڪاڻي ۾ ٿي گذريو. سيمينار جون ٻه ويهڪون هيون. پهرين ويهڪ جو عنوان ”پرنٽ ميڊيا جي ٻولي“ هو، جنهن جي صدارت نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان ناميارو دانشور ڪامريڊ .سوڀوگيانچنداڻي هو |
پروفيسر سليم ڪورائي، ڊاڪٽر در محمد
پٺاڻ |
|||||||||||||||
سنڌي ورڊ پروسيسر سي ڊيءَ جي پڌرائي مارچ 28، 2009 تي شام جو چئين وڳي، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي پاران اداري جي ’ڊاڪٽر بلوچ هال‘ ۾ سنڌي ورڊ پروسيسر يعني ’سنڌي لفظن جو خطاط‘ واري سي ڊيءَ جي مهورتي تقريب ٿي، جنهن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا ڪئي ۽ خاص .مهمان طور سينيئر ۽ تعليم واري وزير جناب پير مظهرالحق شرڪت ڪئي. |
جناب پروانو ڀٽي ، ڊاڪٽر غلام علي الانا |
|||||||||||||||
![]() |
![]() |
![]() |
![]() |
![]() |
![]() |
|||||||||||